حامد الانصاري غازي

حامد الانصاري غازي: انگريزن خلاف، سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جي مشهور مجاهد، دين جي عالم، صحافي، مقرر ۽ مصنف مولانا منصور انصاريءَ جو جنم 1327هه/ 1909ع ۾ سهارنپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ماليه ڪوٽله مان پنهنجي وقت جي جيد عالم حضرت مولانا صديق احمد انبهوٽوي کان حاصل ڪئي، جيڪو سندس نانو هو. هن 1341هه/1922ع ۾ هي الجمثه دهلي اخبار، مدينه بخبور ۽ جمهوريت اخبار ۽ بمبئي اخبارن جو مدير ٿي رهيو. پاڻ هڪ نامور سياستدان به هو. هيءُ هڪ عرصي تائين جميعة العلماءِ هند سان لاڳاپيل رهيو ۽ جميعت العلماءِ مهاراشٽر جو صدر پڻ رهيو. 1382هه۾ پاڻ دارالعلوم ديوبند جي مجلس شوريٰ جو رڪن ٿي رهيو. هن جي لکيل مشهور ڪتابن ۾ ’اسلام نظام حڪومت‘ ۽ ’سيرت نبوي پر خلقِ عظيم‘ قابلِ ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو